سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ

سرائي قربان کهاوڙ: سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ، 1970ع ڌاري شـهـدادڪوٽ جي هڪ خـوشـحــال گھـراڻـي ۾ سـرائـي شمس الدين کهاوڙ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليـم مـقـامـي طـور حاصل ڪري، بي. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. هي اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سرائي قربان کهاوڙ شروع کان سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. لطيف سنگت ۾ سرگرم رهڻ بعد ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هُو جڏهن جساف کانپوءِ مرڪز ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به رهيو، ان بعد جسقم جي مرڪزي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم جي الڪيشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ جسقم جي باڊي ٽوڙي آرگنائيزنگ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي ته سرائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهائجي ته، پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ ٻه سال سينئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين فريڊم مارچ، آزادي مارچ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف بک هڙتالون، ڪالاباغ ڊيم خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگھي جدوجهد ڪيائين. ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحده ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪرڻ نمايان آهن. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ’جسمم‘ جو سينئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو.
سرائي قربان کهاوڙ شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ عهديدار ۽ شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سندس هٿ رهيو. شهر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، شهر ۾غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ شامل آهن. اهڙيءَ طرح مغوي ٻارڙن صدام شيخ ۽ ڪپيل ديو جي آزاديءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن.
سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگھڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگھڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پورو جسم سڙي رک ٿي ويو. سندس آخري آرامگاهه شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ پنهنجي ماءُ جي پيرن ۾ آهي.


لفظ سرائي قربان کهاوڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.04.21  عيسوي

سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگھڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگھڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پورو جسم سڙي رک ٿي ويو. سندس آخري آرامگاهه شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ پنهنجي ماءُ جي پيرن ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدي مولوي عبدالقادر
بچل شاهه مياڻي وارو
سيد محمد شاهه سنائي
حشو پارواڻي
پدن شرما
پير شاهه
شاهه محمد صوفي
پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو
ڀنڀو شاهه بادشاهه
عارف سنائي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون